حافظ عطا حسين بجاراڻي

حافظ عطا حسين بجاراڻي

عطا حسين حافظ بجاراڻي

عطا حسين حافظ، بجاراڻي: مشهور شاعر حافظ عطا حسين ولد آدم خان بجاراڻي 8 آگسٽ 1958ع تي ڳوٺ علي بخش خان بجاراڻي، تعلقي تنگواڻي، ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هي ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪري حافظ قرآن ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان، بِي. اِي ايگريڪلچر، انجنيئرنگ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1984ع ۾ حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات زرعي ترقياتي بئنڪ ڪشمور ۾ 1985ع ڌاري ايم. سي. او طور ڪئي. پروموشن ملڻ بعد 2003ع کان 2005ع تائين ڪشمور ۾ مئنيجر ٿي رهيو. بعد ۾ ڪجهه وقت لاءِ پنجاب جي هڪ علائقي وهاڙي زون ۾ سندس مقرر ٿي. هن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ جيڪب آباد ۾ مئنيجر آهي. عطا حسين شاعريءَ جي شروعات مئٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي نامور شاعر ناظم منگيءَ ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. هيءُ ‘حافظ بجاراڻي بزم’ جو سربراهه آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘آغاز ڇا انجام ڇا’ (غزل: 2013ع)، ‘حسرتون باقي رهيون’ (رباعيون: 2013ع) ۽ ‘گمنام صدائون’ (2017ع) شايع ٿيل آهن، جڏهن ته ڪشمور جي گڏيل شاعرن جي مجموعي ‘ڪوي ڪشمور جا’ ۾ به سندس شاعري شامل آهي. کيس ‘بهترين شاعر اوارڊ’ (صحافي برادريءَ طرفان)، ‘شهيد شاهد سومرو اوارڊ’ ۽ مانجهي اڪيڊميءَ طرفان ‘مڃتا اوارڊ’ مليل آهن. هي پنهنجي ڳوٺ علي بخش بجاراڻيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.08.08  عيسوي

مشهور شاعر حافظ عطا حسين ولد آدم خان بجاراڻي 8 آگسٽ 1958ع تي ڳوٺ علي بخش خان بجاراڻي، تعلقي تنگواڻي، ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اورنگزيب ڀٽي
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
ثنائي مشهدي
حاجي محمد پريل مگسي
حافظ شاهه ناطق حسيني
خليل لاشاري
دائم فقير
بيدل دهلوي
شتروگن جسواڻي
انور ساگر ڪانڌڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون